تنها اصغر

تنها اصغر

تنها اصغر

تنها اصغر: نئين ٽهيءَ جي ليکڪ ۽ شاعر، علي اصغر ”تنها“ ولد حاجي الهه ورايو خاصخيليءَ 15 مارچ 1982ع تي ڳوٺ پنهل خان چانڊيي تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو. پنهنجي ڳوٺ مان پرائمري تعليم وٺي، سڪرنڊ جي هاءِ اسڪول مان انٽر ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم.اي ڪيائين. هن 1997ع کان باقائده لکڻ جو آغاز ڪيو. کيس مير محمد پيرزادي ۽ عبدالحڪيم ارشد جھڙن نامور شاعرن جي رهنمائيءَ ۽ صحبت نصيب ٿي. سندس شعر ۾ رومانوي ۽ سماجي پهلو شامل آهن. هن جو ”جيءَ جھورڪا“ جي نالي سان شعري مجموعو ڇپيل آهي، جڏهن ته ايم. آر. ڊي تحريڪ (1983ع) متعلق مضمونن جو ڪتاب ”تاريخ جي خوني ڳلين مان“ پڻ ڇپائي هيٺ آهي اصغر تنها سنڌي ادبي سنگت، ڳوٺ سڌار سنگت، شاهه سچل سامي ويلفيئر ايسوسيئشن، سنڌ ڪلچرل فورم، همدرد سماجي سنگت ۽ شاهه لطيف ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن سان سلهاڙيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.15  عيسوي

علي اصغر ” تنها “ ولد حاجي الهه ورايو خاصخيليءَ 15 مارچ 1982ع تي ڳوٺ پنهل خان چانڊيي تعلقي سڪرنڊ ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد جعفري
رضوي سيد علي مدد شاهه
صفي الله فدا علوي
روحل گائنچو
راز شيخ عبدالرزاق
رفيق امروٽي
ٺٽوي امام بخش شاهه فدوي
مراد علي ڪاظم شيخ
چڱو جت
رئيساڻي جي ايم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون